گنگا رام سمراٽ

گنگا رام سمراٽ : مشهور محقق، تاريخدان ۽ اديب، گنگارام گيانچند سمراٽ، 15 سيپٽمبر 1918ع تي سن، ضلعي دادوءَ (موجوده ضلعي ڄام شوري) ۾ ڄائو. قومپرست اڳواڻ جي. ايم. سيد جي حويليءَ سان گڏ سندس گهر هوندو هو. ورهاڱي وقت 30 سالن جي پڪيءَ ڄمار ۾، وطن جا وڻ ڇڏي، سهجپور بوگا، احمدآباد، ڀارت ۾ وڃي آباد ٿيو. کيس ادب ۽ تاريخ سان خاص لڳاءُ هو. هن کي نه رڳو سنڌي، پر هندي، سنسڪرت ۽ انگريزي زبانن تي به وڏو عبور حاصل هو. هن سنڌ ۽ هند جي تاريخ تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ تاريخ بابت تاريخي مفروضن کي پنهنجي وسيع مطالعي جي آڌار تي رد ڪيو. هن هند ۽ سنڌ جي تاريخ، هندو ڌرم جي پاڪ ڪتابن ۽ شاهه لطيف بابت ڪافي ڪجهه لکيو ۽ تحقيق ڪئي. وطن سنڌ جي محبت سندس هر تحرير مان بکندي هئي. جي. ايم. سيد سان سندس ويجهڙائي رهي هئي، اُن ڪري هند ۾ رهندي جي. ايم. سيد سان وڏي عرصي تائين سندس لکپڙهه رهي. جڏهن 1964ع ۾ نامور محقق سراج الحق ميمڻ جو ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ ڇپيو هو ته هڪ مضمون ۾ اُن تي هن تنقيد ڪئي هئي، جنهن تي جي. ايم. سيد کيس خط لکي ڏک جو اظهار ڪيو هو ته، ”هڪ ته اسان وٽ تحقيق ٿئي ڪا نه ٿي، ٻيو وري جيڪڏهن ڪي نوجوان قلم کڻن ٿا ته مٿن بيجا تنقيد ڪرڻ، سندن تحقيق جو رستو روڪڻ جي برابر آهي.“ اُن جي جواب ۾ هن خط لکي وضاحت ڪئي هئي ته ”مون ڪجهه غلطين جي نشاندهي ڪئي هئي، باقي مون کي سراج لاءِ صدق هو، تڏهن ته لکيو اٿم ته، هندستان ۾ ڪو اهڙي اوچي درجي جو سنڌي ساهتيه ڪونه ٿو نڪري، جنهن سان هن ڪتاب جي ڀيٽ ڪري سگهجي. باقي سنڌ ۾ جيڪو ساهت پئي نڪتو آهي، تنهن معيار کان هيءُ ڪتاب هڪ نئين حيثيت رکي ٿو. سنڌي هئڻ جو ناز ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ پيارُ ليکڪ جي نس نس ۾ ايترو ته گهرو اوتيل آهي، جو مهراج دوارڪا پرشاد کي به شهه ڏئي ٿو وڃي. نوجوان ليکڪ جيڪا ڪوشش ڪئي آهي، سنڌيءَ کي نکاري بيهارڻ ۾ جا هن جي جدوجهد آهي، تنهن لاءِ هر سنڌيءَ کي ناز هئڻ گهرجي.“ جي. ايم. سيد ۽ گنگارام سمراٽ جي اها خط و ڪتابت، جي. ايم. سيد جي ڪتاب ’اڄ پڻ چڪيم چاڪ‘ ۾ موجود آهي. گنگارام سمراٽ جي ڇپيل ڪن ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) آريا ورت (1947ع)، (2) ڀارت ورش (1966ع)، (3) سمراٽ چندرگپت (1974ع)، (4) گيان گنگا (1975ع)، (5) سنڌو سؤير (سنڌ جو پراچين اتهاس (1979ع)، (6) شُڌ رامائڻ (والميڪي: 1989ع)، (7) نئون چچنامو- ڀينڪر دوکو (1991ع)، (8) موهن جو دڙو (1992ع)، (9) گهر گرهست- گيان ساگر (1993ع). گنگارام سمراٽ ’آريه وير‘ ۽ ’سنڌو متر‘ ماهوار رسالن جو ايڊيٽر پڻ رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.09.15  عيسوي

مشهور محقق، تاريخدان ۽ اديب، گنگارام گيانچند سمراٽ، 15 سيپٽمبر 1918ع تي سن، ضلعي دادوءَ (موجوده ضلعي ڄام شوري) ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رضوي وقار احمد ڊاڪٽر
اسماعيل ميمڻ ڊاڪٽر
رعنا شفيق
زرداري محمد خان
آگرو غلام رباني
ستيش روهڙا
امير علي چانڊيو
رئوف نظاماڻي
شيرين فيروز نانا
گنو سامتاڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون